MR.altaf samejo

MR.altaf samejo

Share

17/11/2023

بلب ايجاد ڪري پوري دنيا کي روشن ڪندڙ ٿامس ايڊيسن ھڪ مشهور سائنسدان ۽ ان جي امڙ!

ننڍپڻ ۾ بخار جي ڪري هي ٻوڙو ٿي ويو ھو.

جڏهن هو ننڍڙو هو_هڪ ڏينهن اسڪول مان پريشاني ۾ آيو ۽ هڪ لفافو پنهنجي ماءُ کي ڏنائين ته استاد هن کي چيو ته اهو پنهنجي ماءُ کي ڏي ۽ رستي ۾ نه کولجائن!

ماءُ جڏهن اهو لفافو کوليو ۽
پڙهيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

پوءِ امڙ ٻيهر اهو خط بلند آواز سان پڙهي پنهنجي پٽ کي ٻڌايائين ته استاد لکيو آهي ته:”تنهنجو پٽ هڪ جينيئس آهي، هي اسڪول هن ذهين ٻار لاءِ تمام ننڍو آهي ۽ هن کي پڙھائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ اسان وٽ سٺا استاد به نه آهن، تنهنڪري تون پاڻ هن کي پڙھا ۽ سيکار."
ان کان پوءِ سندس والده کيس تعليم ڏيڻ جي ذميواري ورتي.

سالن کان پوءِ جڏهن ٿامس ايڊيسن هڪ سائنسدان طور مشهور ٿيو. ۽ جڏهن هن جي ماء مري وئي، هڪ ڏينهن پراڻن ڪاغذن ۾ اچانڪ هن کي ڏهاڪن کان بعد ساڳيو خط ملي ويو جيڪو استاد ھن جي ماء ڏي ڪاوڙ ۾ هيٺين ريت لکيو هو.

هن خط کوليو پر ان تي لکيل هو.
”تنهنجو پٽ انتهائي بيوقوف ۽ ذهني معذور آهي. اسان هن کي هاڻي اسڪول ۾ نٿا رکي سگهون.

ان ئي ڏينهن ايڊيسن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو.

ٿامس الوا ايڊيسن هڪ ذهني معذور ٻار هو.
پر هڪ عظيم ماءُ کيس صديءَ جو عظيم سائنسدان بڻائي ڇڏيو. "

(ماءُ نسلن کي خوبصورت بڻائي ٿي)

17/11/2023
30/09/2023

اگر مرد آھيو ته ھن عورت مان سبق سکو.
5 جون 1992 ٽنڊي بهاول جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾.
ميجر ارشد جميل پنھنجي فوجي دستي سان ملي ڪري چڙھائي ڪئي.
۽ 9 ڳوٺاڻن کي جلي ڪري گاڏي ۾ ويھاري ڄامشوري جي ويجهو درياءُ ڪناري بيھاري سڀين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
۽ پاڪ فوج اِھيائي خبر ھلائي ته اسان 9 راه جا ايجنٽ ماري ملڪ کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو.
اسان جي باشعور قوم ٻڌي شڪرانا پڙھيا.
جڏهن لاش گھر پھتا.
تہ گھورام مچي ويو.
ڇو ته سڀ ويچارا غريب ھاري ھئا.
انھن جا مائٽ پار ڪڊي روئڻ لڳا.
پر انھن ۾ ھڪ 72سالن جي پوڙھي عورت پنھنجي ٻنھي پٽن جي لاشن کي تڪيندي رهي.
حسرت ڀريون نگاھون.
۽ انقلابي ڏيک ڏيندڙ چھري جون جُھريون.
اھيو بيان ڪري رھيون ھيون ته.
دل ۾ جنگ جو اعلان اُڀري پيو.
اھا 72سال جي پوڙھي مائي جِندو ھئي.
ڳوٺن جي مائين.
مائي جِندو کي روئڻ لائي گھڻو ئي اُقصايو.
پر ھُن جي اکين مان ھڪ ڳوڙھو بي نه ڪريو.
مٿي تان گندي لائي.
چيل تي سندرو ٻڌي.
ھُن انتقام جي لي ۾ تڏهن ھن چيو.
مائي جِندو تڏهن روئندي.
جڏهن پٽن جا قاتل ڦاسيءَ جي ڦندي تي ھوندا.
ھن کي سمجھائڻ جي ڪوشش گھڻي ڪئي وئي.
ته قاتل کي ڦاسي تي چاڙهڻ ناممڪن آهي.
ڇو ته فوج سان وڙھڻ ڪو مزاق ناھي.
پر مائي جِندو پنھنجي فيصلي تي اٽل رھي.
ائين ئي انصاف کي پنھنجو مقصد بڻائي.
جنگ جو اعلان ڪري روڊن تي نڪتي.
ياد رھي ته ھي 1992 جو دور ھو.
تڏھن سوشل ميڊيا جو تصور به نه ھو.
پاڪستان ۾ پي ٽي وي چينل کان سواءِ ڪو چينل نه ھو.
ان دور ۾ ھڪ پوڙھي جو رياست جي سڀ کان وڏي طاقت سان جنگ جوٽڻ.
بنگلاديش جو آمريڪا سان وڙھڻ برابر ھو.
پر جڏهن 72سال جي پوڙھي سرعام للڪاريو.
انصاف لائي پڪاريو.
ته ان جي پڪار ٽرينٽ ميڊيا تي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. ڌمڪين سان ڪم نه ھليو.
ته دلاسن کي استعمال ڪيو ويو.
پر مائي جِندو جي اڳيان ڪنھن جي ھڪ بي نه ھلي.
آخر ڳالھ ملڪ جي ايوانن کان وٺي فوجي آفيسرن تائين پھچي.
ته مجبور ٿي 24جولائي 1992 تي جنرل آصف نواز ۽ نوازشريف جي وچ ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات کان پوءِ جنرل آصف نواز ميجر ارشد جميل تي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
اھيو ثابت ٿي چڪو ھو ته ڳوٺ ۾ قتل ٿيندڙ سڀ نوجوان بي قصور ھئا.
۽ 29 آڪٽوبر تي ميجر ارشد جميل کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي.
ساڻس گڏ 13 فوجين کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي.
ڪجھ وقت کان پوءِ ميجر ارشد جميل فوج جي سپاھ سالار کي رحم جي اپيل ڪئي.
جيڪا 1993 ۾ ريجيڪٽ ٿي وئي.
ان کان پوءِ 31 جولائي 1995 تي صدر فاروق لغاري کي رحم جي اپيل ڪئي وئي.
جيڪا ريجيڪٽ ته ٿي وئي.
پر سزا تي عمل کي روڪيو ويو.
سزا تي عمل نه ٿيڻ ڪري مائي جِندو پنھنجي سندس ٻن نياڻين سان گڏ 11 سيپٽمبر 1996تي حيدرآباد پريس ڪلب جي سامھون پنھنجو پاڻ کي باھي ڏئي ڇڏي.
نازڪ حالت ۾ اسپتال پھچايو ويو.
پر اھي ٻه نياڻيون بچي نه سگھيون.
آخر ڪار رياست مجبور ٿي پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪيا.
۽ 28 آڪٽوبر 1996تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل جي ڦاسي گهاٽ تي آندو ويو.
۽ ان جي سامھون سندس پٽن جي قاتل ميجر ارشد جميل کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو.
ان وقت ان ڪراڙي اکين مان ھڪ اشڪ نڪتو.
جنھن مظلوم قوم لاءِ ھڪ مثال قائم ڪئي.
۽ دنيا لائي ھڪ تاريخ رقم ڪئي.
مائي جيندو سلام آ توھان جي عظمت کي.
سلام آ توهان جي ھمت کي.
۽ سلام آ توهان جي ڪردار کي.
ھي ڪا فلم جي ڪهاڻي ناھي.
ھي ھڪ حقيقت آھي.

04/09/2023

ڪڏهن به ڪنهن کي گهٽ نہ سمجهو،
پنج روپئي واري پين به پنج ڪروڙ واري چيڪ کي سائن ڪرڻ ۾ ڪم ايندي آهي ۔

05/02/2023

ٺٽو : حيدرآباد روڊ تي سونڊا شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اڳيان ڏاڏوري پتڻ اسٽاپ تي ڳوٺ لڳ گل محمد برفت جو ھي ڳوٺاڻو ڪينسر ۽ شگر جي بيمارين جي علاج جي دعوا ڪري ٿو وڌيڪ توھان پاڻ ٻڌوCP

Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address


Mithi