Syed Sajjad Rashdi
خيرپور: چودري وسيم اقبال کي خيرپور جو نئون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نئين مقرري کان پوءِ چودري وسيم اقبال جلد ئي پنهنجو نئون عهدو سنڀاليندو.
09/12/2025
خيرپور ۾ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي کلي ڪچهري، سوين شڪايتون، فوري هدايتون
خيرپور ميرس، 8 ڊسمبر 2025
صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي، جنهن ۾ سوين شهرين شرڪت ڪري پنهنجا مسئلا ۽ شڪايتون پيش ڪيون. تقريب دوران 100 کان وڌيڪ لکيت درخواستون پڻ جمع ڪرايون ويون.
وزير لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، ڊي آءِ جي جيل خانه جات، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻين اختيارين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ته عوامي شڪايتن کي بنا دير ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
ٺيڪيداري ۽ اداري وارن معاملن تي شڪايتون
پريس ڪلب خيرپور جي سرپرست خان محمد ڪورٽ جي ڪمپائونڊ وال ۽ ٻين تعميرات بابت ٽن کاتن خلاف شڪايت پيش ڪئي، جنهن تي صوبائي وزير سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز محمد نواز سوهو کي شفاف انڪوائري ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير جا بيان
حاجي علي حسن زرداري حاجي نواب خان وساڻ هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي خيرپور ۾ عوام سان سڌي رستي رابطو ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته نون آيل ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته آفيسن ۾ ويهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ۽ تڪليفون گهٽائين.
ترميم بابت سوال تي هن چيو ته:
“27 اچي يا 28 ترميم اچي، سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، ڪڏهن به الڳ ٿيڻ نه ڏينداسين.”
هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجو مدو پورو ڪندو.
قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون
قبيلائي جهيڙن بابت وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري کي تجويز ڏيندس ته هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا مختلف قبيلن سان ڳالهه ٻولهه ڪري جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.
هن جتوئي ۽ سيال قبيلن جي مسئلي جو فيصلو ٿيڻ تي اطمينان پڻ ظاهر ڪيو.
روڊن ۽ ترقياتي ڪمن بابت اعلان
وزير ورڪس اينڊ سروسز ٻڌايو ته:
جسڪاڻي وارو 70 ڪلوميٽر روڊ مڪمل ٿي رهيو آهي
مهراڻ هاءِ وي کي ڊبل روڊ بڻائڻ لاءِ ٽينڊر ٿي چڪو آهي
سانگهڙ کان صالح پٽ تائين روڊ جو ڪم جلد شروع ٿيندو
روڊن جي خود نگراني ڪندو ۽ انجينئر ساڻس گڏ هوندا
جيلن جي حالت بابت وضاحت
هن چيو ته هو رات جو 4 وڳي تائين جيلن جو دورو ڪري چڪو آهي. ٺٽو جيل ٻيهر کوليو ويو آهي ۽ لانڍي جيل ۾ به توسيع ڪئي وئي آهي. خيرپور جيل جي ڪمپائونڊ وال جلد تعمير ڪرائي ويندي.
شرڪت ۽ شڪايتون
کلي ڪچهري ۾ ميونسپل ڪاميٽي، تعليم، صحت، پبلڪ هيلٿ، سول سوسائٽي، مزدورن، معذورن ۽ ڪيترن ئي کاتن جي ماڻهن شڪايتون پيش ڪيون.
وزير سڀني متعلق آفيسرن کي فوري مسئلا حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تقريب ۾ سينيٽر سيد ڪاظم علي شاهه، فدا حسين وساڻ، نادر شوڪت راجپر، محمد نواز سوهو سميت مختلف کاتن جا 60 کان وڌيڪ آفيسر شرڪت ڪري انتظامي ڪاررواين ۾ حصو ورتو.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Khipro