Aashiq e Rasool Ahl e Sunnat Dadu
02/06/2026
🌹🌹🌹
01/06/2026
بتاريخ 29 مئي 2026، بروز جمعۃ المبارڪ، تنظيم عاشقِ رسول ﷺ اهلِ سنت ضلع دادو جي چيئرمين عرفان سومرو محمدي ۽ انفارميشن سيڪريٽري احسان پنهور عطاري، فقير اياز علي پنهور ڪرمي سان سندس والده ماجده جي وصال تي سندس ڳوٺ، نزد چوڏهن شهيد تڏي تي پهچي فقير اياز ڪرمي سان تعزيت ۽ مرحومه جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي.
دعا آهي ته:
الله پاڪ مرحومه جي بي حساب مغفرت فرمائي، سندس درجات بلند فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ۽ کيس سيده فاطمۃ الزهراء سلام الله عليها جو پاڙو نصيب فرمائي. الله پاڪ مرحومه جي سمورن پونئرن کي صبرِ جميل، صبر تي اجرِ عظيم عطا فرمائي.
آمين يا رب العالمين
شعبه نشر و اشاعت:
تنظيم عاشقِ رسول ﷺ اهلِ سنت ضلع دادو
01/06/2026
🌹 دعوتِ عام 🌹
ان شاء ﷲ العزيز، اڄ رات نمازِ عشاء کان پوءِ سيدنا عثمانِ غني رضي ﷲ تعاليٰ عنه جي فضائل ۽ مناقب تي هڪ سجيل ۽ بابرڪت محفل منعقد ڪئي ويندي.
سڀني عاشقانِ رسول ﷺ کي محبت ڀري دعوت پيش ڪجي ٿي ته هن روح پُرور محفل ۾ شرڪت ڪري، سيدنا عثمانِ غني رضي ﷲ تعاليٰ عنه جي پاڪ سيرت ۽ فضائل ٻُڌي پنهنجي ايماني جذبي کي تازو ڪندا ۽ ثوابِ دارين حاصل ڪندا.
شموليت يقيني بڻايو ۽ ٻين تائين به دعوت پهچايو.
سعادتِ اهتمام:
تنظيم عاشقِ رسول ﷺ اهلِ سنت ضلع دادو
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Dadu
76200