HamAwaz News

HamAwaz News

Condividi

15/04/2026

15 اپريل 1985ع
شاگردياڻي بشرئ زيدي جو حادثاتي موت جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ سوين ماڻھو قتل ٿيا
ذوالفقار قادري
اهو 15 اپريل 1985ع جو ڏينهن هو جنرل ضياء جي غير جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم ۽ سيد غوث علي شاهہ کي وزيراعلئ سنڌ ٿئي اڃا مهينو کن مس ٿيو هو تہ ڪنهن کي ڄاڻ ھئي تہ 15 اپريل 1985ع جو هي ڏينهن ڪراچي جي تاريخ جو هڪ سياه باب طور بڻجي ويندو. ان ڏينهن صبح جو معمول مطابق ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ هڪ اردو وچولي گهراڻي سان تعلق رکندڙ ٻہ ڀينرون بشرئ زيدي ۽ نجمہ زيدي
جيڪي سراج الدولا ڪاليج جون شاگردياڻيون هيون هڪ مني بس پنهنجي ڪاليج اچي رهيون هيون جڏهن بس ناظم آباد چورنگي ( گوليمار ويجهو ) وٽ پهتي ته هنن ٻنهي ڀينرن سر سيد گرلز ڪاليج جي اسٽاپ تي لهڻ جو فيصلو ڪيو. بس اڃا هلندڙ هئي، پر ڪنڊڪٽر کين ترت لهڻ لاءِ چيو ۽ بس مڪمل بيهارڻ کان انڪار ڪيو. جئين ئي اهي ٻئي ڀينرون بس مان هيٺ لٿيون، ته ساڳي لين ۾ تيزيءَ سان پويان ايندڙ هڪ ٻي بس سندن جي مني بس کي زوردار ٽڪر هنيو نتيجي ۾ ٻئي ڀينرون بشرئ زيدي ۽ نجمہ زيدي بس مان هيٺ ڪري پيون 20 سالن جي بشريٰ زيدي بس جي ڦيٿن هيٺ اچي وئي ۽ نجمہ زيدي جي پيرن مٿان مني بس گذري وئي ٻنهي ڀينرن کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نجمہ زيدي ٻنهي ڄنگهن کان اپاهج ٿي وئي جڏھن تہ بشرئ زيدي دم ڌڻي حوالي ڪيو اتفاق سان حادثو ڪندڙ ٻنهي بسن جا ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻ هئا
هن حادثي جي خبر جئين ئي ويجهو موجود سر سيد ڪاليج جي شاگردياڻين تائين پهتي، ته اهي وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري آيون. سندن حمايت ۾ ناظم آباد بوائز ڪاليج جا شاگرد به پهچي ويا ۽ سخت احتجاج شروع ٿي ويو. ڪاوڙيل شاگردن گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڪيتريون ئي مني بسون باهہ ڏئي ساڙيون ويون. پوليس جي پهچڻ تائين سموري ڪراچي ۾ فساد پکڙجي چڪا هئا صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪي هئي. بشريٰ زيدي جي موت جي خبر باهہ وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. احتجاج جو دائرو گوليمار، ناظم آباد، لياقت آباد، اورنگي ۽ بنارس ڪالوني تائين ڦهلجي ويو. شهر ۾ اها خبر عام ڪئي وئي تہ ڇوڪري بشرئ زيدي کي هٿ سان پٺاڻ مني بس ڪنڊيڪٽر ڌڪو ڏئي ماريو آھي تہ فسادن هڪ دم لساني رنگ اختيار ڪري ورتو. اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙ آبادين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ شهر ۾ وڏي پئماني تي تشدد ۽ فساد جون ڪاروايون جاري رهيون، جنهن ڪري ڪاروباري زندگي مفلوج ٿي وئي. سمورو ڪراچي شهر پر تشدد ڪاروائين جي ور چڙھي ويو ۽ وڳوڙين شهر ۾ لٽ مار ۽ پر تشدد ڪاروايون ڪيون صورتحال کي ڏسندي فوج کي طلب ڪيو ويو ۽ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. جڏهن به ڪرفيو ۾ نرمي ڪئي ويندي هئي، ته فساد ٻيهر شروع ٿي ويندا هئا. ان وقت جي سنڌ حڪومت، جنهن جي سربراهي سيد غوث علي شاهه ڪري رهيو هو، امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڊگهي ڪرفيو سبب شهر ۾ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي. سمورو شهر اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن ۽ پٺاڻن جي جهيڙن جي ور چڙھي ويو
بشريٰ زيدي واقعي کي ايم ڪيو ايم سياسي فائدي طور استعمال ڪندي اردو ڳالهائيندڙ وچولي طبقي ۾ اهو احساس پيدا ڪيو ته سندن ڪو به سياسي وارث ناهي. الطاف حسين 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) جو قيام عمل ۾ آندو اها شاگرد تنظيم 18 مارچ 1984ع تي باقاعده مهاجر قومي موومينٽ جي نالي سان هڪ سياسي پارٽي بڻجي وئي ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ ڪراچي جي اردو آبادي جي اڪثريت مولانا شاه احمد نوراني ٖ جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي ۾ ورهايل هئي ايم ڪيو ايم جو بنياد جنرل ضياء وجهرايو ايم ڪيو ايم "مهاجر قوميت" ۽ "وچولي طبقي جي حڪمراني" جو نعرو لڳايو. ڪوٽا سسٽم ۽ روزگار جي کوٽ مهاجر نوجوانن کي هن پارٽي ڏانهن ڇڪيو. 8 آگسٽ 1986ع تي نشتر پارڪ ۾ الطاف حسين جي جلسي ۾ هزارين اردو ڳالهائيندڙن جي شرڪت الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ۾ روح ڦوڪيو
ڊسمبر 1986ع ۾ حڪومت پاران سهراب ڳوٺ ۾ منشيات جي اڏن خلاف "آپريشن ڪلين اپ" شروع ڪيو ويو ، پر ان جو ردعمل انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيو. 14 ڊسمبر 1986ع تي سهراب گوٺ آپريشن جي ردعمل ۾ پختون هٿياربند جٿن پهاڙين جي پاسي کانن اردو ڳالهائيندڙ وستين علي گڙهہ ڪالوني ۽ قصبه ڪالوني تي هٿياربند حملو ڪري ڏنو. اتي رهندڙن تي جديد خودڪار هٿيارن سان حملو ڪيو ويو. شهرين، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪيو ويو سرڪاري انگن اکرن موجب 150 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا، پر اصل تعداد ان کان ڪافي گهڻو هو. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ هن خونريزي ۽ قتل عام دوران پوليس ۽ انتظاميه گم رهي
اورنگي ٽائون، جيڪو مختلف لساني گروهن جو گهر هو، انهن فسادن جو ايندڙ نشانو بڻيو. 1986ع جي آخر ۾ هتي ٿيندڙ قتل عام انسانيت کي لوڏائي ڇڏيو.سمورو شهر مهاجر پٺاڻ جهيڙي جي ور چڙھي ٻئي لساني گروه هڪ ٻئي جي آبادين تي حملا ڪندا رهيا سوڙهين گهٽين ۽ ڳتيل آبادي جي ڪري اورنگي ٽائون ۾ جاني نقصان تمام گهڻو ٿيو. هتي لساني بنيادن تي اهڙي ورڇ ٿي جو پاڙيسري، پاڙيسري جو دشمن بڻجي ويو. اسي واري ڏهاڪي جي انهن واقعن ڪراچي جي مستقبل تي گهرا اثر ڇڏيا: انهن فسادن ڪراچي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري ڏني، جنهن اڳتي هلي "ونگ ڪلچر" ۽ "ڀتي خوري" کي جنم ڏنو. شهر لساني بنيادن تي حصن ۾ ورڇجي ويو. گڏيل آباديون ختم ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو "پنهنجن علائقن" تائين محدود ٿي ويا.سياست هاڻي صرف ووٽ تائين محدود نه رهي پر طاقت ۽ تشدد ان جو لازمي حصو بڻجي ويو. روشنن جو شهر سڏجندڙ ڪراچي بدامني ۽ ڪرفيو جي ڪري معاشي طور پوئتي پوڻ لڳو.

14/04/2026

شيرين اسد زئنور جي اي ٽي ايم کي ھيڪ ڪري 53 لک روپيا ڪڍيا ويا
گذريل مهيني منهنجي HBL ڪارڊ کي هيڪ ڪري 45 لک رپيا ڪڍيا ويا ۽ اڄ منهنجي ٻي Standard Chartered اڪائونٽ مان به 8 لک رپيا ڪڍيا ويا آهن، اهو به منهنجو ڪارڊ هيڪ ڪري
اهي هيڪرز عام طور تي پاڪستان مان ئي اڪائونٽس هيڪ ڪن ٿا، پر ڪارڊ ملڪ کان ٻاهر استعمال ڪيو وڃي ٿو
مهرباني ڪري پنهنجن ڪارڊن تي ڊبل سيڪيورٽي ۽ PIN ويئرِيفڪيشن سسٽم لازمي طور تي فعال ڪريو
HamAwaz News ゚viralシviralシfypシ゚viralシalシ ゚viralシalシ

Vuoi che la tua azienda sia il Società Di Media più quotato a Ancona?
Clicca qui per richiedere la tua inserzione sponsorizzata.

Indirizzo


Via Raffaello Sanzio 4
Ancona
60125