GBPS Rano Mal D-Rathi Colony Chelhar

GBPS Rano Mal D-Rathi Colony Chelhar

Share

Photos from GBPS Rano Mal D-Rathi Colony Chelhar's post 24/04/2025

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪئمپس پرائمري پورشن آر۔ڊي ۽ مولاڻي اسڪولس جي سالياني امتحان م پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پرائيز شيلڊون سندن مائيٽن سان گڏ ڏنيون ويون۔
پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني والدين جي مھرباني.
Chandiram Rassani

Photos from GBPS Rano Mal D-Rathi Colony Chelhar's post 07/04/2025

پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ
گل سونھن ٿا گلشن ۾
ٻار وڻن ٿا اسڪولن ۾
ٿر جي نامور تاريخ دان ۽آدرشي استاد سائين رائچند راٺوڙ جي نالي سان منسوب رائچند راٺوڙ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول (ڪئمپس) چيلھار ۾ ڪچي ڪلاس کان ٻارھين درجي تائين داخلائون جاري آهن، گلن ڦلن جھڙن پنھنجن ٻارڙن کي اچو ھن عظيم درسگاھ ۾ داخل ڪرايو.
📖سرڪاري اسڪولن تي اعتماد ڪريو اسين اوهان جي ٻارن جي بهتر مستقبل جا ضامن آھيون ـ
👈 داخلا جي ڪا في نه آھي ڪتاب به بلڪل مفت
👈 بهترين، صاف سٿري ۽ ڪشادي ڪلاس روم ۾ پڙھائي جي لاء اتساھيندڙ ماحول
👈ملٽي ميڊيا ۽ LED SCREEN جي ذريعي ليڪچر پلان
👈انتهائي تجربيڪار ۽ قابل استاد
👈هفتيوار ـ ماهوار ۽ ٽرم ٽماھي ٽيسٽنگ سسٽم ۽ ٻارن جي حوصلا افزائي لاءِ انعامات
👈 شاگردن، استادن ۽ مائٽن (PTA) جي گڏيل تعاون ذريعي تعليم جي بھتري لاءِ قدم کڻڻ
👈ورڪ پلان مطابق ڪورس
👈اخلاقي تربيت
👈 غير نصابي سرگرمين ۽ راند روند لاءِ وسيع ميدان
👈 سائنسي تقاضائن سان ھم آھنگ سائنس ليب
👈 ٻارن جي مطالعي لاءِ وسيع شاندار لائبريري
👈ايڪٽوٽي بيسڊ لرننگ
پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ ، بھترين ۽ معياري تعليم جي حاصلات جي لاءِ اڄ ئي انھن کي رائچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چيلھار ۾ داخل ڪرايو ـ
اسان جو ـ اوھان جو ـ اسان سڀني جو گڏيل نعرو آھي ته :
پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

06/01/2025

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چيلهار طرفان سجايل سائنسي ميلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي، پرائمري سيڪشن جي ننڍڙن ٻارن پاران ٺاهيل ماڊل وزٽ ڪندي.
چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ريئا ڪماري ۽ چوٿين ڪلاس جي شاگرد مصدق حيات پنھنجي ٺاھيل پروجيڪٽ بابت معلومات ڏني.

06/01/2025

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چيلهار طرفان سجايل سائنسي ميلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي ۽ رستم راٺوڙ پرائمري سيڪشن جي ننڍڙن ٻارن پاران ٺاهيل ماڊل وزٽ ڪندي.
ڪلاس پنجين جي شاگرد ڀارمل ولد ھرو ڀيل پنھنجي ٺاھيل پروجيڪٽ بابت معلومات ڏني.

06/01/2025

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چيلهار طرفان سجايل سائنسي ميلي ۾ سي ايم او محمد ابراهيم ڪنڀر پرائمري سيڪشن جي ننڍڙن ٻارن پاران ٺاهيل ماڊل وزٽ ڪندي.
پنجين ڪلاس جي شاگرد دروپ ڪمار ولد گھمشان داس پنھنجي پروجيڪٽ بابت معلومات ڏني.

Photos from GBPS Rano Mal D-Rathi Colony Chelhar's post 06/01/2025

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چيلهار طرفان سجايل سائنسي ميلي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي، سراج سومرو، ايڪس چيئرمين پرديپ ڪمار اوجھا، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي، سائين شاھنواز کوسو، تعليم کاتي جي بالا آفيسرن سائين شمس الدين راٺوڙ (ڊي اي او سيڪنڊري)، سائين ارجن ڪمار سوٽھڙ (ڊي ڊي او سيڪنڊري)، سائين محمد عيسا سميجو (ٽي اي او سيڪنڊري)، سائين جان محمد بجير ( ڊي اي او پرائمري)، سائين آسن داس، جيتيش ڪمار راٺي (گسٽا)، سي ايم او سائين محمد ابراهيم ڪنڀر، مانيٽرنگ آفيسر سڪراج، سائين چنديرام راساڻي، سائين ڪيلاش لوڍا، سائين وجئہ شرما، ديپڪ شرما، لليت شرما، سائين سيتارام سوٽھڙ، سائين ڀارو مل امراڻي، سائين مشتاق قاسماڻي، سائين پريم، سائين پريم ڪمار واسو، سائين رميش ڇانگاڻي، سائين ڀوروخان، سائين معشوق عمراڻي، سائين اوم پرڪاش (بيبو) مھيشوي، سائين مھيش ڪمار اوجھا، رستم راٺوڙ، سائين نفيس الدين ۽ ٻين سڀني قابل احترام معززين پرائمري سيڪشن جي ننڍڙن ٻارن پاران ٺاهيل ماڊل وزٽ ڪيا. وزٽ دوران سڀني استادن ۽ شاگردن جي محنتن ۽ ڪوششن کي ساراهيو ويو.

24/10/2024

رائچند راٺوڙ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪئمپس (پرائمري سيڪشن) چيلھار جو چوٿين ڪلاس جو شاگرد فرقان احمد ولد محمد سلطان ڪنڀر اسيمبلي دوران ڪمپيوٽر جي موضوع تي پريزنٽيشن ڏيندي.

Chandiram Rassani
Thar Education Alliance

Want your school to be the top-listed School/college in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Near Raichand Rathore Government High School Chelhar
Mithi

Opening Hours

Monday 08:00 - 14:00
Tuesday 08:00 - 14:00
Wednesday 08:00 - 14:00
Thursday 08:00 - 14:00
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 14:00