Tharparkar

Tharparkar

Share

15/05/2025

*"ڊمپر ڊرائيورن لاء نوڪرين جا سنهري موقعا"*

ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپني کي HTV لائيسنس رکندڙ ڊمپر ڊرائيورن جي ضرورت آهي.

گھربل دستاويز، اصل شناختي ڪارڊ، اصل مستقل HTV لائيسنس ،عمر جي حد 45 سال، گهٽ ۾ گهٽ 2 کان 3 سالن جو ڊمپر هلائڻ جو تجربو
سهولتون مناسب اجر، رهائش، کاڌي پيتي جون سهولتون، صحت جي انشورنس پاليسي دلچسپي رکندڙ اميدوار صبح 9 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين خوشحال ٿر آفيس تي پاڻ کي رجسٽر ڪرائي سگهن ٿا.
ايڊريس : خوشحال ٿر آفيس ،نزد ٿهاريو هاليپوٽا ٿر ڪول بلاڪ ٽو
رابطي لاءِ
03488326521
03481845383

15/05/2025

پيپلزپارٽي ٿرپارڪر ۾ ڌڙا بندي – عوام جي مسئلن بدران، ليڊرن جا انا جا ٽڪراءَ!

ٿرپارڪر ۾ پيپلزپارٽي ڄڻ ته سياست نه، ذاتي مفادن جو ميدان بڻجي وئي آهي. ھڪ ئي پارٽي اندر 2 کان 3 ڌُڙا واضح طور تي سامهون اچي چڪا آھن، جتي هر ليڊر رڳو پنهنجو گروپ طاقتور بنائڻ ۾ لڳل آھي، باقي عوام جي مسئلن لاءِ ڪنهن وٽ وقت ئي ناهي!

جيڪي ماڻهو ڪڏهن عوام جا خادم بڻجي آيا هئا، اڄ اهي ئي پاڻ ۾ طاقت، پئسي ۽ پگهارن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. تنظيم تباهه، ڪارڪن مايوس، ۽ عوام پريشان – پر ٿرپارڪر جي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اڃا تائين انا، حسد، ۽ سازشن ۾ مبتلا آهن.

ڇا هي ئي آهي شهيدن جي پارٽي جو مشن؟ ڇا هي ئي آهي خدمت جو نالو؟

پارٽي جي نالي تي چونڊون کٽي اقتدار ماڻڻ وارا، هاڻ پنهنجن ئي ماڻهن سان وفادار ناهن. ڪير سچو آهي، ڪير ڪوڙو؟ ڪير عوام لاءِ بيٺو آهي، ۽ ڪير پنهنجي ڪرسي لاءِ – سڀ ڪجهه نروار ٿي چڪو آهي!

پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي گهرجي ته ٿرپارڪر ۾ هن سياسي گندگي جو نوٽيس وٺي.

ٿر جي عوام هاڻ بيوقوف نه رهي – حق، سچ ۽ ايمانداريءَ سان بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي!

Want your business to be the top-listed Media Company in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Website

Address

Gadhi Bhitt
Mithi
69230