Dadu Update
08/06/2023
دادو رپورٽر ماجد علي پنھور
دادو جو سينئير صحافي علي حسن لغاري جي نياڻي جو ڊاڪٽرياڻي. طاهره آريجو غلط آپريشن ڪرڻ جي ڪري حالت خراب
منهنجي نياڻي جو غلط آپريشن ڪرڻ کان پوء ڊاڪٽرياڻي طاهره آريجو سان مليا سين ته نياڻي آپريشن کان پوء تڪليف وڌي وئي آهي.
جنهن تي ڊاڪٽرياڻي طاهره اسان کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي پنهنجي پرائيويٽ مرتضي ميڊڪل سينٽر تان ڪڍي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي مان آپريشن ڪري ڇڏيو منهنجو ڪم ناهي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏيکاريو منهنجو واسطو ھاڻي ناهي
صحافي علي حسن لغاري وڌيڪ چوڻ هو ته مان نياڻي کي نواب شاه ۽ ٻين سينٽر تي ڏيکاريان پيو لکين روپيا خرچ ڪري چڪيا آهيون غلط آپريشن جي ڪري منهنجي نياڻي زندگي ۽ موت جي ڪشماڪش ۾ آهي
ڊاڪٽرياڻي طاهره آريجو خلاف ايڪشن کنيو وڃي مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ياد رهي ته ڊاڪٽرياڻي طاهره خلاف غلط آپريشن جا پهريان به ڪيس داخل ٿئي چڪا آهن
05/06/2023
دادو سنڌ پريس ڪلب جو اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت صدر سنڌ پريس ڪلب دادو آفتاب جمالي جي هيٺ ٿي گذري جنهن ۾ سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي عهديدارن ۽ ميمبرن جي اهم ميٽنگ ۾ ٻن عهديدارن زاهد کوسو ۽ قربان کوسو کي سنڌ پريس ڪلب دادو مان ھميشه لاء ميمبرشپ ختم ڪئي وئي ۽ سنڌ پريس ڪلب جو هنن سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ نئون عهديدارن حلف کنيو
جنهن صدر آفتاب جمالي، سينيئر نائب صدر محمد اڪرم شاهاڻي، نائب صدر غلام مجتبي، جنرل سيڪريٽري سجاد لاکو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد عقيل لاکو، خزانچي محمد يوسف جمالي، جوائنٽ سيڪريٽري فراز جمالي، انفارميشن سيڪريٽري محمد شڪيل لاکو، محسن جتوئي پريس سيڪريٽري علي جان بلوچ، آفيس سيڪريٽري زاهد لنڊ ۽ ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن
عهديدارن چيو ته صحافت پغمبري پيشو آهي اسان هر مظلوم ماڻهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اسان اڳڀرا آهيون ڪنهن خبر يا پريس رليز جا پيسا نه ورتا ويندا ان جي خلاف ورزي ڪرڻ واري جي هميشه لاء ميمبر شپ ختم ڪئي ويندي
۽ بنا لوڀ ۽ لالچ جي سنڌ پريس ڪلب جي ٽيم هر مظلوم جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو ويندو اڳواڻن چيو ته ميمبرن ۾ سيد مدد شاهه، عزيز ٻٻر، اويس جمالي، آفتاب سولنگي، غلام مصطفي چارڻ، ماجد پنهور هنن کانسواءِ سنڌ پريس ڪلب جو ڪنهن سان به واسطو نه آهي ميمبرن پاران چونڊجي آيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون ويون.
دادو بي سيڪشن پوليس مک جوبدار تائين نہ پھچي سگھي پر مک جوابدار سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي ويو
دادو ۾ ڪجہ ڏينھن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رند ڪالوني ۾ مڙس خالد لنڊ طرفان پنھنجي زال ڪائنات لنڊ کي ھڪ جڳھہ تي ھٿ پير ۽ منھن ٻڌي رکيو ويو ھو ، منظرعام تان غائب رھندڙ مک جوبدار خالد لنڊ سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي ويو ، مان بيگناھہ آھيان انڪوائري ڪرائي وڃي ڏوھي نڪتس تہ سزا ڏني وڃي ، مان بي قصور آھيان ايف آئي ار ڪوڙي آھي منھنجي زال جا مائٽ 10 لک جي لالچ ۾ اچي ڊرامو ڪيو آھي ۽ موکي فاسايو آھي ، مان پوليس وٽ پيش ٿيندس تہ پوليس زبردستي ڏوھہ مڃرائيندي ، مان ڪورٽ مان زمانت ڪرائي ، ڪيس کي منھن ڏيندم ،
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Dadu
76200