Awami Social Activist
20/11/2025
ڏيپلو. ٿرپارڪر پوليس وارثن جي ڌرڻي بعد ٿر جي بااثر ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راجڙ ۽ ساٿين پوليس اهلڪارن شوڪت راھمون، پرڪاش ميگھواڙ، پوليس ڊرائيور لال محمد بجیر ۽ هڪ ڳوٺاڻي پهلاج ميگھواڙ تي ڏيپلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڪيس ۾ مدد لاء ارباب انور جبار، ارباب ظفرالله۽ سياسي سماجي اڳواڻ به ٿاڻي تي موجود هئا
رمضان کوسو جي قاتل دهشتگرد پوليس ايس ايڇ او ڏيپلو کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي آڻي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي
20/11/2025
مٺي. ٿرپارڪر پوليس خلاف رمضان کوسو جا وارث لاش رکي مٺي ڪراچي روڊ بلاڪ ڪري ويٺا آهن ۽ مطالبو آهي ته ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راجڙ ۽ قتل ۾ ملوث ٻين اهلڪارن خلاف نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.هن وقت تائين ٿرپارڪر پوليس قتل ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪندي ملوث پٽي ڀائرن کي بچائڻ لاء منصوبابندي تحت ڪوششن ۾ رڌل آهي. ٿر ۾ نوجوان جي پوليس هٿان قتل کانپوء ٿر جا چونڊيل نمائندا خاموش آهن.نوجوان جي قتل جي مذمت ۽ شفاف جاچ جو به مطالبو سامهون نه آيو آهي .هن وقت ٿر پوليس به ڪو واضع موقف نه ڏنو آهي ته واقعو ڇو ۽ ڪيئن پيش آيو آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ رڪارڊ جي پورائي لاء ڊي ايس پي مٺي ماجد قائم خاني ۽ سي آء اي واري مبارڪ راجڙ کي ڏيپلو موڪليو هو .ٿر ڊائري
ياسين سميجو چارنور جن جي جيجل امڙ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آھي جنازه نماز اج 1 بجي ڳوٺ چارنور سميجا ۾ ادا ڪئي ويندي 😭😭
ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو مطالبن جي لاءِ احتجاج کانپوءِ ملازمن جو کاڌخوراڪ بند ڪري ڇڏيو ڪيترين ملازمن کي ڪمپني گيٽ کان ٻاهر ڪڍيو ويو ڪيترائي ملازمن ڪمپني اندر بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن
10/11/2025
ھڪ کوھ ۾ گڏھ ڪري مري ويو، ڳوٺاڻن ڪنھن ڏاهي کان پڇيو ته ڇا ڪجي...؟؟
ڏاھي شخص چيو ته (مثلاََ) ويھ دلا پاڻيءَ جا ڪڍي ڇڏيو، پاڻي پاڪ ٿي ويندو....
ڳوٺاڻن ڏاھي جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ ويھ دلا ڀريل پاڻيءَ جا ڪڍي ڇڏيا....
شام جو ان شخص جي پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ گڏھ جا وار ۽ بدبو ڏسي ان شخص پڇا ڪئي ته توهان پاڻي جا گهڻا دلا ڪڍيا آهن...؟
ڳوٺاڻن سادگي سان جواب ڏنو؛
قبلہ! ڳڻپ ڳڻيا ويھ دلا ڪڍيا آهن...
۽ گڏھ........؟؟
ڏاهي شخص اچرج مان پڇيو..
گڏھ ته کوھ ۾ ئي پيل آهي... توهان گڏھ ڪڍڻ جو ته چيو ئي ڪونه هو... ڳوٺاڻن ڏاھي شخص کي ڪمال جي سادگي سان جواب ڏنو.!
اسان جي آس پاس به ساڳئي مئل گڏھ واري ڪار آهي،
هر ڀيري صرف ويھ دلا پاڻي جا ڪڍيا وڃن ٿا يعني وعدا اقرار ٿين ٿا مگر گڏھ ساڳيو کوھ ۾ مئو پيو آهي،
09/11/2025
اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن😭😭
ڊاڪٽر غلام رسول سميجو جي نمازِ جنازي سڀاڻي سومر 10/11/2025 تي صبح 10:30 وڳي آبائي ڳوٺ اڪليوٙن، تعلقو ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر ۾ ادا ڪئي ويندي. سڀني مٽن مائٽن ۽ دوستن کي عرض آهي ته شرڪت ڪري مرحوم لاءِ فاتحه خواني ۾ ثواب ڌارين حاصل ڪن
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Chachro